ڀڳوانداس مهاراج

ڀڳوانداس ، مهاراج: مهاراج ڀڳوانداس جي ڄمڻ جي تاريخ جو پورو پتو پئجي نه سگھيو آهي . سندس جنم ٽنڊي الهيار ( اڳوڻي ضلعي حيدرآباد ) ۾ ٿيو . برهمڻ خاندان ۾ جنم وٺڻ ڪري سندس پرورش مذهبي ماحول ۾ ٿي . هن سنڌي ، هندي ۽ سنسڪرت ٻولين جو چڱو اڀياس ڪيو هو . سندس شاعري/ٻاڻيءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته هو وڏو عالم شخص هو . هن سنڌيءَ ۽ هندي ٻولين ۾ شاعري ڪئي . هن سنڌيءَ جي ڀيٽ ۾ هنديءَ ۾ وڌيڪ شاعري ڪئي . هن جا شعر هند سنڌ جي راڳن ۽ راڳڻين جي آڌار تي رچيل آهن ، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته کيس راڳ جو ڪافي علم هو . سندس شاعريءَ ۾ ڪرشن ڀڳتيءَ جو رنگ وڌيڪ هو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو